ڄام اوٺو جاڙيجو سمو

ڄام اوٺو جاڙيجو سمو: لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀائٽيي ڄام پونئري کان پوءِ ڪڇ ۾ جاڙيجن جو راڄ قائم ڪندڙ ڄام لاکي جو پوٽو ڄام اوٺو، ڪڇ جو راءِ ٿي گذريو آهي. هن جو مرڪز اجاپور ۾ هو، جيڪو هن وقت ڀڄ شهر جي اتر ۾ آهي. لاکي جاڙيجي تائين سندس نسب نامو هن ريت آهي: ڄام اوٺو ولد رتو رائڌڻ ولد لاکو جاڙيجو. سندس ڀائرن جا نالا هن ريت آهن: ڄام ديدو (ڪنٺ ڪوٽ جو حاڪم)، ڄام گجڻ (باهاجو حاڪم)، ۽ ڄام هوٿي.
ڄام اوٺي کي ٽي پٽ: (1) ڳاهو عرف گوڙجي، (2) ڦُل ۽ (3) دل نالن سان ٿيا. ڄام اوٺي اٽڪل ويهن سالن تائين ڪڇ تي راڄ ڪيو. هن جي دور جون ٻه اهم ڳالهيون مشهور آهن. هڪ ته هن بهادر شوار نالي هڪ بندر ٺهرايو، جيڪو پوءِ هندستان جو وڏو بندر ليکجڻ ۾ آيو. ٻيو ته سندس دور ۾ ڪڇ ۾ زبردست ڏُڪار پيو، جنهن بعد هن عملي قدم کنيا. ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيائين. هن سوراشٽر ۾ ڪيترا مندر ۽ ڌرم شالائون جوڙايون. صرف بهادر شوار جي ڀرسان سندس ٺهرايل 50 مندر اڄ به موجود آهن. هن کانپوءِ سندس پٽ ڄام ڳاهو يا ڄام گوڙجي ڪڇ جو حڪمران ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو